خيرو ديرو

خيرو ديرو: خيرو ديرو بندر سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي ضلعي دادوءَ ۾ هوندو هو. هن بندر جو شمار سنڌو درياهه جي وڏن بندرن ۾ ٿيندو هو ۽ ان تان هر قسم جو اناج، تيلي ٻج، داليون، لاک، کئونر ۽ آڏاڻي جو ٺهيل ڪپڙو، ٻاهر ٻيڙين رستي ويندو هو. انگريزن جي دور ۾ خيري ديري جي بندر واري حيثيت نه رهي. هن وقت خيرو ديرو پتڻ جي صورت ۾ هڪ تڙ جي صورت ۾ موجود آهي.


لفظ خيرو ديروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو